
پاڪستاني اداڪارا سجل علي اعتراف ڪيو آهي تھ سٺو اسڪرپٽ چونڊڻ ۾ کيس تمام گهڻي ڏکيائي پيش ايندي آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ پاڪستاني ڊرامن جي ڪهاڻين ۾ هڪجهڙائي بھ اسڪرپٽ جي چونڊ ۾ ڏکيائي پيدا ڪندو آهي. هن چيو تھ اسان جا ڊراما ڏسڻ وارا گهڻا پڙهيل ناهن، پر اهي پنهنجي ذهانت سان ڪهاڻي پرکي ويندا آهن.