
بالي ووڊ اداڪارا ڪرشما ڪپور چيو آهي تھ هن دور ۾ اداڪارن کي سوشل ميڊيا سبب شهرت ملي وڃي ٿي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪرشما ڪپور جو چوڻ هو تھ اسان جي دور ۾ ڪم ۽ شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي، تنهنڪري اسان شهرت جي معاملي ۾ اڄ جي اداڪارن جيان خوشنصيب نھ هئاسين. هن چيو تھ اڳي اداڪارن کي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ خاطر جهيڙا بھ ڪرڻا پوندا هئا، مون کي ناڪام توڙي ڪامياب فلمن فائدو ڏنو آهي.