
پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر چيو آهي تھ گهريلو ۽ معاشي مسئلن جي ڪري مون پنهنجي تعليم ننڍپڻ ۾ ئي اڌ ۾ ڇڏي هئي. ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ گهر جي اڪيلي ڪمائي ڏيندڙ آهيان، تنهنڪري جئين ئي مون شوبز ۾ ڪم مليو تھ مون پنهنجي پڙهائي ڇڏي ڏني. هانيا عامر جو چوڻ هو تھ پڙهائي ڇڏڻ جو اڪيلو سبب شوبز دنيا مان پيسا ملڻ هو.