پاڪستان جي عالمي شهرت ماڻيل اداڪارا ماهرا خان نواز ليگ سينيٽر ڊاڪٽر عفنان الله خان جي مٿس ڪيل چٿرن تي کرو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري پيج تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ماهرا خان سينيٽر عفنان الله خان جو ڪيل ٽوئيٽ بھ شيئر ڪيو آهي. ماهرا خان جواب ۾ لکيو آهي تھ، هي اها ئي ذهنيت آهي، جنهن سبب پاڪستان ترقي نھ ڪري سگهيو آهي، ڇوتھ اوهان شهري جي حيثيت سان موقف ڏيو ٿا يا خيال پيش ڪيو ٿا تھ هن قسم جي ذهنيت بھ سرگرم ٿئي ٿي. هن چيو تھ سمجهه ۾ نٿو اچي تھ هي سنيئر ڪئين بڻجي ويو، ڇوتھ ٻولي جانورن واري ئي اٿس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close