
پاڪستان جي تڪرارن کي منهن ڏيندڙ ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي اڳوڻين انتهائي ويجهين دوستن صندل خٽڪ ۽ عائشا ناز کي برباد ٿيڻ جون بددعائون ڏئي ڇڏيون آهن. ميڊيا مطابق حريم شاهه وڊيو شيئر ڪندي ان جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ، اي الله، توکان ڪجهه لڪل ناهي، مون کي انصاف ڏيار، صندل خٽڪ ۽ عائشا ناز کي برباد ڪر، تون ڄاڻين ٿو تھ مان ڪمزور آهيان، تنهنڪري منهنجي مدد فرمائي. حريم شاهه جو چوڻ هو تھ زندگي جي ڏکئي مرحلي مان گذري رهي آهيان.