پاڪستاني اداڪارا وينا ملڪ انڪشاف ڪيو آهي تھ منهنجو مزاج تمام گهڻو شرميلو آهي، تنهنڪري ميڊيا ۾ دوست انتهائي گهٽ آهن. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وينا مڪ ذاتي زندگي جي ڪيترن ئي رخن تي ڳالهايو آهي، هن ٻڌايو تھ دوستي ڪرڻ يا دوست ٺاهڻ منهنجي لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم آهي، تنهنڪري فلم انڊسٽري يا ميڊيا ۾ گهڻا دوست ناهن. هن چيو تھ جيڪڏهن ڪو مون کي چوي تھ هوٽل ۾ هلي ٿا ماني کائون تھ مون کان اهو پڻ نھ ٿي سگهندو. هن چيو تھ زندگي جدوجهد ۾ گذاري آهي، تنهنڪري پاڻ کي تڪرارن کان پاسيرو رکيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close