شوبز

سارا علي خان کي شادي لاءِ انڌي ۽ جنوني نوجوان جي ڳولا

بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا سارا علي خان انڪشاف ڪيو آهي تھ مان شادي لاءِ هڪ قسم جو انڌو ۽ جنوني نوجوان ڳولي رهي آهيان. اداڪارا ۽ ماڊل شهناز گل جي شو ۾ شهناز گل پاران شادي ڪرڻ بابت هڪٻئي پويان ڪيترائي سوال ڪرڻ تي سارا علي خان کيس مزاحيا انداز ۾ جواب ڏيندي چيو تھ ڪو انڌو ۽ جنوني ڳولي رهي آهيان. هن جو چوڻ هو تھ مون سان شادي جي ڪوشش ڪندڙ حقيقت ڄاڻڻ بعد اهو ڀڄي جان ڇڏائيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سارا علي خان چيو تھ مون کي شادي ڪرڻ جي خواهش آهي، پر ان رشتي لاءِ منهنجي اندر ۾ في الحال ڪو جذبو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button