
پاڪستان جي عالمي شهرت يافتا اداڪارا ماهرا خان پاران ٽن سالن جي ساهي بعد ڊرامن ۾ ٻيهر واپسي جو اعلان ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ماهرا خان سماجي رابطن واري پيج تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي تھ مان ٽي وي ڊرامي رضيا سان گڏ ننڍي اسڪرين ٿي واپس اچي رهي آهيان. هن پنهنجي ڪردار جي جهلڪ شيئر ڪري سرپرائيز پڻ ڏنو آهي.