شوبز

صنم ماروي کي اعزاز، ٽائيمز اسڪوائر تي تصوير لڳي وئي

سنڌي سميت مختلف ٻولين ۾ گيت ڳائي شهرت ماڻيندڙ ڳائڻي صنم ماروي کي اهم اعزاز ملي ويو آهي، جنهن جي تصوير ٽائيمز اسڪوائر جي اسپاٽيفائي بورڊ تي لڳائي وئي آهي. ميڊيا مطابق اسپاٽيفائي ايڪوئل پاڪستان پروگرام تحت صنم ماروي کي سفير بھ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي تھ صنم ماروي 14 سالن کان صوفياڻن ڪلامن سميت مختلف صنفن ۾ ڳائي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي آواز کي پهچايو آهي، جنهن تي اسپاٽيفائي کيس پنهنجو برانڊ ايمبيسيڊر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ تصوير ٽائيمز اسڪوائر جي بورڊ تي لڳائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button