پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا مديحا امام جو مڙس بالي ووڊ فلم ميڪر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق فلم ميڪر موجي بسر برطانيا مان فلم ۽ ٽي وي ڊائريڪشن جي ڊگري بھ رکي ٿو، جنهن بعد هن 2017ع کان بالي ووڊ ۾ ڪيريئر شروع ڪيو آهي، بالي ووڊ ۾ ليکڪ ۽ پروڊيوسر طور ڪم ڪري چڪو آهي، موجودا وقت ۾ دبئي ۾ سندس رهائش ڄاڻائي وئي آهي. ياد رهي تھ مديحا امام جي مڙس موجي بسر جي ملڪي شهريت ۽ مذهب بابت خاموشي آهي ۽ تفصيل ظاهر ناهن ٿيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close