
پاڪستان جي ور اسٽائيل اداڪارا صبا قمر ڦڦڙن جي انفيڪشن ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، جنهن کي خراب حالت ۾ علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق صبا قمر کي ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪري ڊرپ لڳائي وئي. جڏهن تھ اسپتال ۾ علاج دوران صبا قمر پنهنجي هٿ جي تصوير شيئر ڪري مداحن کي بيماري جو ٻڌايو آهي. صبا قمر پنهنجي تازي پوسٽ ۾ مداحن کي آگاهي ڏني آهي تھ پنهنجي هڪ پراجيڪٽ جي شوٽنگ دوران دونهون پيدا ڪندڙ استعمال ڪيل ڊيزل سبب مون کي ڦڦڙن ۾ تڪليف ٿي آهي. هن لکيو تھ ڊيزل صحت جي ڏس ۾ انتهائي خطرناڪ آهي، مون سيٽ تي ان جي استعمال کان روڪيو بھ هو. هوڏانهن مداحن صبا قمر جي بيماري ۽ سيٽ تي ڊيزل جي استعمال بابت افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن فم ميڪر سرمد کوسٽ منظرنگاري لاءِ دونهين جي استعمال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.