بالي ووڊ جي ديسي گرل طور شهرت ماڻيندڙ عالمي شهرت يافتا اداڪارا پريانڪا چوپڙا دعوا ڪئي آهي تھ جيڪڏهن مون پنهنجي ڌيءَ مالتي ميري لاءِ ڪيريئر سميت سڀ ڪجهه ڇڏڻو پيو تھ ڇڏي ڏينديس. هڪ انٽرويو دوران هن ٻڌايو تھ منهنجا والدين انڊين آرمي ۾ فزيشن هئا، انهن اتر پرديش ۾ اسپتال بھ قائم ڪئي هئي، جڏهن ڳالهه منهنجي ڪيريئر ٺاهڻ جي آئي تھ انهن منهنجي ڪري نھ رڳو نوڪري ڇڏي، پر سڀ ڪجهه ڇڏي اهي ممبئي ۾ لڏي آيا هئا، انهن منهنجو ڪيريئر ٺاهڻ لاءِ ايڏو وڏو فيصلو ورتو ۽ هاڻ مان بھ ائين ئي ڪنديس. هن چيو تھ زندگي ۾ ڌيءَ لاءِ ڪيريئر ڇڏي ٻئي ملڪ وڃڻو پيو تھ بنا سوال ڪرڻ جي مان ائين ئي ڪنديس. هن چيو تھ اها وڏي قرباني هئي، جنهن کي مون هاڻ 40 سالن جي ڄمار ۾ سمجهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close