
پاڪستاني اداڪارا عائشا عمر انڪشاف ڪيو آهي تھ ماڻهن ۾ عدم برداشت سبب طلاق جي شرح ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق خانگي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ڪرن ملڪ جي ان ڳالهه سان متفق آهيان تھ ماڻهن ۾ شعور اچي ويو آهي، اڳ جن ڳالهين کي نظرانداز ڪيو ويندو هو، هاڻ انهن تي ردعمل اچي ٿو، جنهن سان طلاق جو رجحان وڌيو آهي.