ڪراچي جي رهواسي بلوچ ريپر ۽ ڳائڻي ايوا بي گريمي رڪارڊنگ اڪيڊمي لاءِ گيت ڳائي دليون کٽي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ايوار بي اڪيڊمي جي گلوبل اسپن سيريز ۾ پرفارم ڪري پاڻ مڃايو آهي، هي سيريز عالمي طور فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ جي ذميواري نڀائي رهيو آهي. ايوا بي وڊيو گيت سن رائيز لياري تي بلوچي ٻولي ۾ ڳائي پرفارم ڪيو، جنهن دوران پسمنظر ۾ لياري جون گهٽيون نظر اچي رهيون آهن. جڏهن تھ ايوا بي جي پرفارمنس ڏسي مداح بھ حيران ٿي ويا آهن. ايوا بي گريمي رڪارڊنگ اڪيڊمي لاءِ ڳائڻ کي پنهنجو خواب قرار ڏنو آهي، جيڪو پورو ٿي ويو آهي. ايوا بي چيو تھ خوشي آهي تھ مڃيل عالمي پليٽ فارم تي پرفارم ڪيو، جنهن سان منهنجو هڪ خواب پورو ٿيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close