ڀارتي اداڪارا دپيڪا ڪڪڙ ساٿي اداڪار شعيب ابراهيم سان شادي ڪرڻ بعد مڙس ٿي هئي، پر هاڻ ان شوبز دنيا کي پڻ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق دپيڪا ڪڪڙ مان فائزا بڻجندڙ اداڪارا مڙس شعيب کي شوبز دنيا کي الوداع چوڻ بابت اعتماد ۾ بھ وٺي ڇڏيو آهي. ٽي وي شو دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ اميد سان ٿيڻ ۽ هاڻ ماءُ بڻجڻ بعد زندگي مان حقيقي طور مزا وٺي رهي آهيان، مون مڙس کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تھ مان هاڻ ماءُ ۽ گهريلو عورت بڻجي زندگي گذارڻ چاهيان ٿي، ڪم جو بار کڻڻ ممڪن ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close