بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان زال گوري خان بابت شڪايت ڪندي چيو آهي تھ هن مون کي ڪڏهن بھ ڪو تحفو ناهي ڏنو. فرح خان جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ زال هميشا اهو چوندي رهي تھ اهڙي شخص کي ڇا ڏيان جنهن وٽ سڀ ڪجهه آهي. هن لنڊن ۾ هيڏي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب رهڻ دوران جو قصو ٻڌايو تھ اتي هڪ ٽي شرٽ ورتي، جيڪا سائزا ۾ ڪجهه وڏي هئي، گوري کي چيو تھ اها تبديل ڪرائي اچي، واپس اچي هن ٻڌايو تھ شرٽ واپس نٿا وٺن، بعد ۾ دوست ملڻ آيا، جن ٻڌايو تھ گوري اها ٽي شرٽ واپس ڪري پنهنجي لاءِ هڪ بيگ خريد ڪري ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close