شوبز

يمنا زيدي پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي

پاڪستان جي مشهور اداڪارا يمنا زيدي پنهنجي ڊرامي تيري بن سبب هڪ ئي وقت پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڊرامي تيري بن واري ميرب جي ڪردار ۾ يمنا زيدي جي اداڪاري مختلف ملڪن ۾ پسند ڪئي وئي آهي، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سندس ڊرامي کي مداح نھ رڳو وڏي تعداد ۾ ڏسي رهيا آهن، پر ان سان گڏ اهي سندس ميرب جي ڪردار ۾ پاڻ کي جذب ڪري اداڪاري کي حقيقي رنگ ڏيڻ تي پڻ ساراهي پئي وڃي.

يمنا جي ميرب ڪردار جي ٽاپ ٽرينڊز جا عڪس

يمنا زيدي سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊس جا عڪس شيئر ڪندي مداحن جو پيار ڏيڻ تي ٿورو مڃيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ يمنا زيدي جو ميرب وارو ڪردار هڪ ڏينهن دوران ٽرينڊنگ ۾ ڀارت ۾ 13، بنگلاديش اندر 7 ۽ پاڪستان ۾ 6 نمبر تي رهيو آهي. هوڏانهن يمنا زيدي شيئر ڪيل پيغام ۾ چيو آهي تھ اداڪارا طور ملندڙ پيار يقينن خوشين سان ڀري ڇڏيو آهي، مان سمورن ماڻهن جي ٿورائتي آهيان، مون اداڪاري ۾ پير رکندي پيار ونڊڻ جو عزم ڪيو هو، مليل موٽ ان جو نتيجو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button