
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا عائزا خان فيشن برانڊ جي عيد ڪليڪشن جي ڏس ۾ نئون فوٽو شوٽ مڪمل ڪرائي ورتو آهي، جنهن بعد هن اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي جيئن شيئر ڪيون تھ مداح سندس انداز ۽ سونهن ڏسي ساراهه ڪرڻ بنا رهي نھ سگهيا آهن. مداحن جي وڏي اڪثريت عائزا خان کي مخاطب ٿي لکيو تھ اوهان دل موهي ڇڏي آهي.