شوبز

پاڪستاني فلمون ناهيان ڏسندي، ڊراما تمام گهڻو وڻندا آهن: ماهرا خان

پاڪستاني فلمن جي سپر اسٽار ماهرا خان چيو آهي تھ پاڪستاني فلمون ناهيان ڏسندي، پر واندڪائي واري وقت ۾ ڊراما تمام گهڻو ڏسان ٿي، ڇاڪاڻ تھ پاڪستان جا ڊراما مون کي تمام گهڻو وڻندا آهن. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو تھ اسان جي ڊرامن جي ڪهاڻي حقيقتن جي ويجهو هوندي آهي، انهن کي سڄي دنيا ۾ ڏٺو ويندو آهي، مون کي ذاتي طور تي ڪيترائي ڊراما پسند آهن، پر هڪ ڊرامو عميرا احمد جو لکيل دام ڪلاسڪ شئي آهي، جنهن کي هڪ ڀيرو ضرور ڏسڻ گهرجي. هن چيو تھ ڌوپ ڪناري، ان ڪهي، داستان ۽ انهن جهڙا ٻيا ڊراما پراڻا ناهن ٿيندا، پر اهي ڪلاسڪ نالي سان سڏبا آهن. هن چيو تھ انڊسٽري ۾ جيڪڏهن ڪجهه منفرد ڏيکارڻ چاهيون ٿا تھ نوجوان ليکڪن، هدايتڪارن کي آڻڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button