پاڪستاني اداڪارا شيري شاهه والد جي بيماري، سندس وفات ۽ زندگي ۾ پيش آيل سختين کي ياد ڪري روئي ويٺي آهي ۽ سندس صبر جواب ڏئي ويو. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ شيري شاهه ٻڌايو تھ والد ٽينڪرن جو ڪم ڪندو هو، اهي چوري ٿي ويا، گهر تي بھ قبضو ڪيو ويو هو، اهڙي صورتحال ۾ اسان زندگي ۾ تمام گهڻا ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن، والدا سلائي ڪري گهر جو خرچ هلايو. هن چيو تھ مان وڏي ٿيس تھ شوبز ۾ ڪم ڪري گهر جي خرچ ۾ حصو ورتو، پر والد بيمار رهندو هو، هن مون کي ڊرائينگ سميت زندگي گذارڻ جا گر سيکاريا، سندس وفات مون کي صدمو ڏنو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close