پاڪستاني اداڪارا حميما ملڪ پنهنجي ذاتي زندگي جي ڪهاڻي عام ماڻهن سان شيئر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق حميما ملڪ پنهنجي نئين يوٽيوب چينل ذريعي مداحن کي پنهنجي سموري ڄاڻ فراهم ڪندي، ان حوالي سان حميما ملڪ جو چوڻ آهي تھ مان مداحن کي زندگي جو هر اهو رخ ٻڌائڻ چاهيان ٿي، جيڪو مداحن جي حصي ۾ اچي ٿو. هن چيو تھ، مان ذاتي زندگي، ان سان ڳنڍيل ڪهاڻي ۽ ٻي معلومات شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو، ان حوالي سان مان مداحن وٽ مون بابت موجود سوالن جا جواب پڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close