پاڪستاني اداڪارا حبا بخاري چيو آهي تھ عورت گهر بچائڻ لاءِ آخري حد تائين سمجهوتو ڪندي آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران هن ٻڌايو تھ منهنجي خيال ۾ عورت ۾ برداشت وڌيڪ آهي، مان بھ گهر ۽ ڪم ۾ توازن رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي آهيان. حبا بخاري چيو تھ مستقبل ۾ بھ گهر ۽ ڪم وچ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پئي تھ ٻئي شيون گڏ کڻي هلنديس، ڇاڪاڻ تھ منهنجي لاءِ ٻئي زندگي جيان آهن. هن چيو تھ مون کي گڏيل خاندان واري زندگي پسند آهي، پنهنجي گهر ۾ ڪم ڪرڻ بھ ايترو ئي وڻندو آهي، جيترو ڊرامن ۾ ڪم پسند آهي. هن چيو تھ گهر ۾ خاندان جي تقريب ٿيندي تھ پروڊيوسر کي درخواست ڪري ڪم جلد اڪلائي ان شريڪ ٿينديس، ڇوتھ ڪم ۽ خاندان ٻئي اهم آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close