پاڪستا جي تڪراري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جون نامناسب وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي ڪيس ۾ سندس پراڻي دوست صندل خٽڪ عدالت ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق اسلام آباد جي عدالت نامناسب وڊيوز ليڪ ڪيس ۾ صندل خٽڪ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري سندس گرفتاري جو حڪم ڏنو. ان کان اڳ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه ۽ اڳوڻي دوست صندل وڪيلن سميت پيش ٿيون، جتي صندل گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست ڏني، جيڪا ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد رد ٿيڻ تي ايف آئي اي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. عدالت ۾ بيان ڏيندي صندل خٽڪ چيو تھ حريم شاهه جون وڊيوز هاڻ ليڪ ٿيون، پر اها مون کي سال کان تنگ ڪري پئي ۽ بيلڪ ميل بھ ڪري ٿي. هن چيو تھ حريم شاهه جا مون تي الزام غلط آهن، وڊيوز نھ مون رڪارڊ ڪيون ۽ نھ وري ليڪ ڪيون آهن. ڪيس جي پراسيڪيوٽر بيان ڏيندي چيو تھ ٽڪ ٽاڪ تي ڪشمير جي آزادي لاءِ وڊيوز ناهن رکبيون، ٽڪ ٽاڪرز بابت سڀ ماڻهو ڄاڻن ٿا، جنهن بعد عدالت صندل خٽڪ جي ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو آهي. عدالت پاران صندل خٽڪ جي گرفتاري واري حڪم تي حريم شاهه خوشي ۾ روئي ڏنو آهي. هن چيو تھ في الحال هن موضوع تي نٿي ڳالهائڻ چاهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close