پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهنور بلوچ انڪشاف ڪيو آهي تھ منهنجي تمام گهڻي ننڍي ڄمار ۾ شادي ٿي، جنهن بعد ساهرن ئي اداڪاري ۾ آندو. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ شادي بعد شوبز جو حصو بڻيس، پر ننڍي عمر سبب ڪيمرا آن ٿييندي ئي خوف ۾ لڪي ويندي هئس، جنهن تي سهري کي فون ڪري مون کي ڪيمرا آڏو اچڻ تي راضي ڪيو ويندو هو. هن انڪشاف ڪيو تھ سلطانا صديقي مڙس جي پڦي آهي، تنهڪري ساهرن جي ڪاوڙ جي ڊپ ۾ بھ اداڪاري ڪئي، پر هاڻ مان هن دنيا جو حصو آهيان. هن انڪشاف ڪيو تھ 2004ع ۾ هڪ شخص منهنجي مڙس هجڻ جي دعوا ڪئي، جيڪو گهر تائين بھ اچي نڪتو، جنهن بعد ان جي وارثن رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو تھ هي ذهني بيمار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close