شوبز

صندل خٽڪ جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد، اڍيالا جيل حوالي

اسلام آباد جي مقامي عدالت مشهور ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري کيس اڍيالا جيل موڪلي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ايف آئي اي جي جاچ آفيسر ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جون نامناسب وڊيوز ليڪ ڪيس ۾ ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ کي اسلام آباد جي جڊيشل ماجسٽريٽ جي عدالت ۾ ڪيش ڪيو، جتي جاچ آفيسر صندل خٽڪ کان معلومات وٺڻ ۽ شريڪ جوابدار عائشا ناز بابت جاچ جو چئي 5 ڏينهن وارو جسماني رمانڊ گهريو، جنهن جي صندل خٽڪ جي وڪيل مخالفت ڪئي، جنهن بعد عدالت صندل خٽڪ کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڍيالا جيل موڪلي ڇڏيو آهي. عدالت ۾ جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو تھ صندل کان معلومات کپي ٿي، شريڪ جوابدار بابت بھ پڇڻو آهي، تنهنڪري 5 ڏينهن جسماني رمانڊ ڏيو، جنهن تي صندل خٽڪ جي وڪيل چيو تھ صندل جي فون ايف آئي اي وٽ آهي، باقي جاچ ڪهڙي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button