پاڪستان جي ماڊل ۽ ٽي وي ميزبان مٿيرا خان سامونڊي طوفان جي رپورٽ ڪندڙ عورت صحافڻ تي ان وقت تپي باهه ٿيندي نظر آئي، جڏهن ڪراچي جي سامونڊي ڪناري تي صحافڻ زم زم سعيد حفاظتي اپائن بنا پهچي رپورٽنگ ڪئي
۽ خطرناڪ چولين ۾ گهيرجي وئي، مٿيرا اهڙي وڊيو شيئر ڪندي لکيو تھ ٻين کي نصيحتون ڪرڻ کان اڳ پاڻ بھ عمل ڪندا ڪيو.