وفاقي حڪومت پاران فلم انڊسٽري لاءِ فنانس فنڊ ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نيشنل اميچور فلم فيسٽيول ايوارڊ لاءِ هائي اچيورس کي خطاب ڪندي هنن چيو تھ 1970ع کان سال 2000ع تائين فلم انڊسٽري جي ترقي نھ ٿي، هاڻ ئي تھ ان جي اڳتي وڌڻ جو سفر شروع ٿيو آهي. هن چيو تھ سينيما گهر نھ هجڻ سبب ترقي اڃا محدود آهي، ملٽي اسڪرين مهانگيون آهن ۽ عام ماڻهو نٿو اچي. هن جو چوڻ هو تھ اسان 2017ع ۽ 2018ع دوران فلم پاليسي بھ ڏني هئي، بجيٽ ۾ ان حوالي سان پيسا پڻ رکيا ويا آهن، جڏهن تھ موجودا حڪومت وڏيون سهولتون ڏنيون آهن، فلم فنانس فنڊ سان گڏ 10 سالن لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني، جيڪا ڇوٽ ان سيڙپڪار لاءِ آهي، جيڪو پاڪستان ۾ فلم ٺاهيندو. هن چيو تھ فلم ميڪر کي آمدني تي ٽيڪس چوٽ حڪومت جو وڏو قدم آهي، هن وقت پاڪستان ۾ فلم تي زيرو ٽيڪس آهي. جڏهن تھ اوزارن جي درآمد، فلم ميڪنگ، سينيما ۽ پروڊڪشن جي شين تي پڻ زيرو ٽيڪس آهي. هن چيو تھ حڪومت 2 ارب رپين واري فنانس فنڊ ذريعي ڊرامن، ڊاڪيومينٽري ۽ فلم لاءِ پڻ فنڊز ڏيندي، ڪارپوريٽ سيڪٽر کان ڌار رقم ملي سگهندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close