پاڪستان جي مشهور اداڪارا سنيتا مارشل مذهب جي تبديلي بابت سوال پڇندڙ يوٽيوبر نادر علي کائنس معافي وٺي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سنيتا مارشل کان پوڊڪاسٽ پروگرام ۾ اسلام کي قبول ڪرڻ جي ارادي بابت سوال ڪيو، جنهن بعد مداحن جي وڏي اڪثريت نادر علي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن تي سنيتا مارشل مداحن کي اپيل ڪئي تھ اهي نادر علي کي هراسان نھ ڪن. هوڏانهن نادر علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو آهي تھ سنيتا کان رڳو ارادي بابت سوال ڪيو، جيڪڏهن منهنجي لفظن سان ڪنهن کي تڪليف ٿي آهي تھ معافي وٺان ٿو، ڇوتھ اهو هڪ ارب 90 ڪروڙ مسلمانن جي خواهش آهي تھ ماڻهو پنهنجي مرضي سان اسلام کي قبول ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close