هالي ووڊ جي 1912ع ۾ پيش آيل بحري جهاز جي تباهي واري واقعي تي تيار ڪيل بلاڪ بسٽر فلم ٽائيٽينڪ جي هدايتڪار جيمز ڪيمرون چيو آهي تھ ٽائيٽينڪ جهاز ۽ ٽائٽن آبدوز سانحي ۾ هڪجهڙائي ڏسي مان حيران آهيان. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ فلم ٺاهڻ خاطر مان ڪيترائي ڀيرا سمنڊ جي گهرائي ۾ ملبو ڏسڻ وڃي چڪو آهيان، خطرن جي بھ ڄاڻ آهي، مان آبدوز جي تياري ۾ ڏکيائين ۽ سيفٽي پروٽوڪول کان واقف آهيان، تنهنڪري چوان ٿو تھ جهاز جو ملبو ڏسڻ لاءِ ويندڙ ماڻهو سبق حاصل ڪن. هن چيو تھ ڪنهن شئي سان ٽڪرائجي تباهه تباهه ٿيڻ بنا آبدوز جو سمنڊ جي سطح ۽ رابطو گڏ ڪٽجڻ ممڪن ناهي. جيمز ڪيمرون جو چوڻ هو تھ ٽائيٽينڪ جي ڪپتان برف جي جبل اچڻ باوجود رفتار وڌائي تھ سانحو ٿيو هو. ياد رهي تھ آبدوز جي ڳوالا ڪندڙ عملو وڏي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ويندو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close