شوبز

سعيدا امتياز چرچ ۾ دعا گهرڻ تي تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو

پاڪستاني اداڪارا سعيدا امتياز چرچ ۾ وڃي دعا گهرڻ تي مٿس ٿيندڙ تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سعيدا امتياز پاران ڪجهه ڏينهن اڳ چرچ ۾ وڃي دعا گهرڻ تي مداحن جي وڏي تعداد مٿس تنقيد ڪئي، ايستائين جو هڪ مداح تھ سندس مسلمان هجڻ تي پڻ شڪ ڏيکاري ڇڏيو هو. هوڏانهن ڇتي تنقيد بعد سعيدا امتياز وضاحت ڪندي لکيو آهي تھ الله جو شڪر ڪيان تھ مسلمان آهيان، پر مون پنهنجي هڪ مسيحي ڀاءُ سان گڏجي چرچ ۾ ان لاءِ دعا گهري هئي، بلڪل ائين جيئن هو مسجد ۾ اچي اسان خاطر دعا گهرندو آهي. هن چيو تھ منهنجو نسل پرستي بدران محبت ۽ امن پکيڙڻ وارن عملن تي يقين آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button