شوبز

پسوڙي گاني جو ڀارتي ريميڪ رليز، امر خان جي ڇتي تنقيد

پاڪستاني راڳين علي سيٺي ۽ شائي گل جي عالمي شهرت يافتا گيت پسوڙي جو ڀارتي ريميڪ رليز ڪيو ويو آهي، جنهن تي اداڪارا امر خان ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وئي آهي. پسوڙي گيت بالي ووڊ فلم ستيا پريم ڪي ڪٿا ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن کي ارجيت سنگهه ۽ تلسي ڪمار ڳايو آهي. هوڏانهن انٽرنيٽ تي مداحن ڀارتي فلم ميڪرز تي ڇتي تنقيد ڪندي تبصرا ڪيا آهن تھ هي ماڻهو ڀارتي گانن جو ٻيڙو ٻوڙڻ بعد هاڻ پاڪستاني گيتن کي تباهه ڪري رهيا آهن. هڪ مداح لکيو تھ رڳو ايترو ٻڌائي ڇڏيو، آخر ريميڪ جي ڪهڙي ضرورت هئي. ٻئي پاسي پاڪستاني اداڪارا امر خان ڀارتي ميڪرز کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو تھ مهرباني ڪري اوهان تسليم ڪيو تھ هي پاڪستاني گيت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button