پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه چيو آهي تھ سياستدانن منهنجي آڏو ڪجهه ناهن، نھ وري انهن کي ڪنهن ڳڻپ ۾ سمجهندي آهيان، جيڪڏهن اهي مون تي ڪيس ڪرڻ چاهين ٿا تھ ڀلي شوق پورو ڪن. لاهور ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس جي جاري ڪيل تفصيلن ۾ حريم شاهه جو چوڻ هو تھ مان هن وقت پاڪستان ۾ آهيان، منهنجي خلاف سياستدان شوق سان عدالت وڃن، پر مان ڄاڻان ٿي تھ اهي پاڻ ئي خوار خراب ٿي ويندا، مان انتظار ڪيان پئي تھ منهنجي خلاف ڳالهائيندڙ ماڻهو ڪڏهن ٿا سامهون اچن، اهي رڳو منهنجي پاڪستان ۾ نھ هوندي ڳالهائين ٿا. هن چيو تھ مون کي معاشري، ميڊيا يا ڪنهن ماڻهو جو ڊپ ناهي، رڳو گهرڀاتين کان ڊڄندي آهيان. هن چيو تھ جن سياستدانن جي وڊيو ليڪ ڪندي آهيان، اهي ان جي ئي لائق هجن ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close