شوبز

حڪومت پهرين ميوزڪ پاليسي جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو

وفاقي حڪومت ملڪ جي پهرين ميوزڪ پاليسي جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ نئين ميوزڪ پاليسي سان پائريسي، ڪاپي رائيٽس سميت ميوزڪ جا مسئلا حل ڪيا ويندا. جڏهن تھ هن ميوزڪ پاليسي سان سهولتن ۽ رعايتن ذريعي انڊسٽري کي نئين زندگي ملندي. هن چيو تھ پبيلڪ پرفارمنس، پراڊڪشن، ايڊاپٽيشن، ڊيوريشن، مڪينيڪل، ڪميونيڪيشن رائيٽس کي قانوني ڍانچي ۾ آندو پيو وڃي. هن چيو تھ يوزرس اينڊ لائسنس جو مسئلو بھ حل ٿي ويندو، جنهن سان انڊسٽري کي هٿي ملندي، جڏهن تھ هڪ هٽي جي خاتمي سان ميوزڪ ورڪرن جي بنيادي حقن کي تحفظ ملي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button