شوبز

نورين گلواني ڊرگ لارڊ جو ڪردار ڪرڻ جي خواهشمند

پاڪستان جي نوجوان اداڪارا نورين گلواني ڊرگ لارڊ يعني منشيات فروشي جو ماسٽر مائينڊ وارو ڪردار ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق نورين گلواني هن وقت ٽن آن ايئر ڊرامن پياري مونا، محبت گمشدا ميري ۽ جهوم ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ سپورٽنگ ڪردار ڪرڻ باوجود ڪاميابي ماڻڻ ۾ هن ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ ڊرامي پياري مونا ۾ شيون ٽوڙيندي مست ملنگ جهڙي ڪردار ۾ مزو آيو آهي، ڇاڪاڻ تھ هلندي ڦرندي چانهن جو ڪوپ ڪيرائي ڇڏڻ، شيون جو ٽوڙڻ هن ڪردار جو عام ڪم آهي. نورين چيو تھ عام زندگي ۾ مسڪين طبيعت آهي، پر مون ڊرامن ۾ ڪردار ان کان مختلف ڪيا آهن، منهنجو خاندان عام مڊل ڪلاس وارو آهي، تنهنڪري ڪردار ڪري ويس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button