شوبز

مهوش حيات ۽ رمشا خان محبت بابت اختلافن جو شڪار

پاڪستان جون ٻھ مشهور اداڪارائون مهوش حيات ۽ رمشا خان محبت بابت اختلافن جو شڪار ٿي ويون آهن. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ عيد جي موقعي تي رليز ٿيل فلم تيري ميري ڪهاني جي بابت ميڊيا ٽاڪ ۾ ڳالهائيندي مهوش حيات ميزبان جي ٻن ماڻهن سان هڪ ئي وقت محبت ٿيڻ جي سوال پڇڻ تي مهوش حيات چيو تھ هڪ ئي وقت ٻن انسانن سان پيار ٿي سگهي ٿو، پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي تھ ماڻهو ديوانن جيان پويان ڊوڙندو وتي، شادي بعد مڙس سان وفاداري انساني روايت ۽ بهترين عمل آهي. رمشا خان ان سوال جي جواب ۾ چيو تھ منهنجي خيال ۾ هڪ ئي وقت ٻن انسانن سان محبت نٿي ٿي سگهي، اهو عمل هڪ محبت جي ختم ٿيڻ جي صورت ۾ ممڪن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button