شوبز

شائستا لوڌي شوز ۾ عجيب آئيڊياز ڏيڻ تي پريشان

پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ ميزبان شائستا لوڌي شوز ۾ عجيب آئيڊياز ڏيڻ تي پريشان ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ تھ ٽي وي پروگرام اهڙن عجيب آئيڊيا بابت سوال ٿيڻ تي هن پريشاني ۾ وضاحتون بھ پيش ڪري ڇڏيون. خانگي ٽي وي جي شو ۾ ڳالهائيندي شائستا لوڌي کان سندس شو ۾ ٻڪر ۽ ٻڪري جي شادي ڪرائڻ بابت سوال جي جواب ۾ شائستا لوڌي وراڻيو تھ مون ٻڪر ۽ ٻڪري جي شادي ڪرائي، هاڻ انهن جا ٻار بھ ٿي ويا آهن، هن حاضرين جي ٽهڪ ڏيڻ تي چيو تھ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، مون گهري ڳالهه ٻڌائي آهي، شو دوران اسٽوڊيو ۾ ٻڪر گهڻو پريشان ڪيو، ان کي ڊائپر بھ پارائڻو پيو هو. هن چيو تھ هر ماڻهو مون تي تنقيد ڪري ٿو، آخر انهن تي ڪير ڇو نٿو ڳالهائي جيڪي اهڙا آئيڊياز ڏين ٿا، انهن تي بھ تھ ڳالهايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button