شوبز

محبت هڪ ڀيرو ٿي وڃي تھ سدا قائم رهي ٿي: ريکا

بالي فلمن جي ليجنڊ اداڪارا ريکا چيو آهي تھ محبت هڪ ڀيرو ٿي وڃي تھ اها سدائين قائم رهندي آهي. نئين دهلي ۾ هڪ تقريب دوران ميڊيا نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي ريکا ٻڌايو تھ رشتي ۾ شدت يا گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، پر اهو ختم ڪڏهن بھ ناهي ٿيندو. ريکا ٻڌايو تھ 2014ع بعد مون کي اهڙي فلم جي آڇ ناهي ٿي جو ڪم ڪري سگهان. هڪ سوال جي جواب ۾ ريکا جو چوڻ هو تھ ماڻهن جي خبر رکان ٿي تھ اهي مون کي ڪٿي ۽ ڪيئن ڏسڻ چاهيندا آهن، پر مان ان معاملي ۾ خوشنصيب آهيان تھ ڪهڙو ڪم ڪيان ۽ نھ ڪيان اهو چونڊڻ جو حق ملندو آهي.

ليجنڊ ريکا جو ووگ عربيا

هوڏانهن ريکا جو ووگ عربيا پاران ڪيل نئون فوٽو شوٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جنهن کي ڏسي مداح سندس حسن جي تعريف ڪرڻ بنا رهي نھ سگهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button