پاڪستان جي مشهور اداڪار حمزا علي عباسي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فضيلا عباسي چيو آهي تھ اداڪاري ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، مان ڊاڪٽر آهيان ۽ ان تائين محدود رهڻ گهران ٿي. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ مان مزاج ۾ انتهائي بيزار ڪندڙ آهيان، تنهنڪري ماڻهو ملڻ کان بھ لنوائيندا آهن، ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد اداڪاري جون آڇون آيون، پر مون انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تھ منهنجي خيال ۾ خراب اداڪارا ثابت ٿينديس، تنهنڪري سمجهه ۾ نٿو اچي تھ آڇون ڇو ٿيون. هن چيو تھ اداڪاري ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، جيڪڏهن ڀل ۾ ڪڏهن اداڪاري ڪئي تھ حمزا جي فلم ۾ خاص انٽري ڏينديس. هن انڪشاف ڪيو تھ ننڍپڻ ۾ حمزا جا گردا فيل ٿي ويا هئا، جنهن جو سبب هڪ بيماري آهي کيس انجيڪشن لڳرائي علاج ڪرايو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close