بالي ووڊ کي ڪهونا پيار هي ۽ گدر: ايڪ پريم ڪٿا جهڙيون بلاڪ بسٽر فلمون ڏيندڙ اداڪارا اميشا پٽيل انڪشاف ڪيو آهي تھ بالي ووڊ ۾ فلمي گهراڻن جي ٻارن مون کان فلمون کسيون آهن. ميڊيا مطابق اميشا پٽيل پنهنجي ايندڙ فلم گدر 2 جي مشهوري ۾ مصروف آهي، جنهن دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن ٻڌايو تھ ڪرينا ڪپور، اڀيشڪ بچن، ريتڪ، ايشا ديول، توشار ڪپور کان منهنجي ڪاميابي هضم نھ ٿي هئي، ڇاڪاڻ تھ فلمي گهراڻن جي انهن ٻارن جو ٽيون نسل فلمن ۾ هو ۽ مان ٻاهران آيس، تنهنڪري مون کي مغرور ۽ وڏائي رکندڙ جا نالا مليا، ڇوتھ مان فضول مصروفيتن بدران ڪتاب پڙهڻ کي ترجيح ڏني هئي. هن چيو تھ ساٿي اداڪارن کي مون سان ساڙ ٿيندو هو، پر خدا جو ساٿ مون سان هو، جنهن سبب هڪٻئي پويان ڪاميابي ملندي وئي. هن چيو تھ او ٽي ٽي پليٽ فارم تي نامناسب مواد آهي، ماڻهو صاف سينيما ڏسڻ لاءِ تڙپي رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close