شوبز

مسلمان هجڻ ناتي بالي ووڊ ۾ خراب سلوڪ ناهي ٿيو: هما قريشي

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا هما قريشي چيو آهي تھ مسلمان هجڻ ناتي مون سان بالي ووڊ ۾ ڪڏهن بھ خراب سلوڪ ناهي ٿيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ فلم انڊسٽري ۾ ڪنهن کي ڪنهن جي نالي سان دلچسپي ناهي، اتي رڳو ڪم کي ڏٺو ويندو آهي، ڀارت ۾ رهندي محسوس ناهي ٿيو تھ مسلمان هجڻ سبب ٻين شهرين کان ڌار آهيان. هما قريشي چيو تھ پنهنجا نوازي ۽ خراب سلوڪ وارا رويا بالي ووڊ ۾ ضرور آهن، پر اهي زندگي جي هر شعبي ۾ هجن ٿا، انهن سمورين ڳالهين باوجود بالي ووڊ تمام گهڻو محفوظ هنڌ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button