شوبز

سوشل ميڊيا ڳالهائڻ کان اڳ سوچڻ سيکاري ڇڏيو: حراماني

پاڪستان جي تڪراري بيانن سبب تنقيد جو نشانو بڻجندڙ اداڪارا حراماني چيو آهي تھ منهنجي مٿان چٿرن ۽ تذليل وارن روين بعد مون کي سوشل ميڊيا ڳالهائڻ کان اڳ سوچڻ سيکاري ڇڏيو آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ ڪيترن ئي معاملن ۾ رايو ڏيڻ بعد ٿيندڙ تنقيد منهنجي سوچ کي تبديل ڪيو آهي، تنهنڪري هاڻ مان ڳالهائڻ کان اڳ سوچيندي آهيان تھ ڪٿي ان ڳالهه جو غلط مطلب تھ نھ ورتو ويندو. هن چيو تھ ماڻهو حساس آهن، اسان جي ڳالهين جو غلط مطلب وٺي پريشانين جو شڪار ٿين ٿا، آخر اهي ڳالهه جو سادو ۽ ڪم وارو مطلب ڇو نٿا سمجهن. هن چيو تھ عورتن جي حقن جي دعوا لفظن ۾ نھ هجڻ گهرجي، ان جو اظهار روين ۾ ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button