بالي ووڊ ۾ ڊريم گرل طور شهرت ماڻيندڙ سينيئر اداڪارا هيما مالني مڙس ڌرميندر جي ڌار رهڻ ۽ پهرين زال توڙي ٻارن سان گڏ رهڻ وارن سوالن جي جوابن تي چيو آهي تھ هاڻ اهڙين ڳالهين جو مون تي فرق نٿو پوي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ زندگي ۾ جيڪو ٿئي پيو، ان کي قبولڻ گهرجي، ڇوتھ اهو وڏو سچ آهي. هن چيو تھ هر عورت مڙس گڏ رهڻ چاهي ٿي، ان جي خواهش هوندي آهي تھ ٻار هجن، پر جيڪڏهن سوچ مختلف هجي تھ ٻيو ڪجهه ٿيندو آهي. هن چيو تھ منهنجا ٻار آهن، ڌرميندر هر موڙ تي گڏ رهيو، هاڻ ان جي ڌار رهڻ سان خراب نٿو لڳي، مان زندگي ۾ خوش آهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close