شوبز

ٽيلر سوئفٽ آمريڪي معيشيت کي هٿي ڏيڻ جو وڏو سبب قرار

آمريڪا جي جڳ مشهور ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ آمريڪي معيشيت کي هٿي ڏيڻ جو وڏو سبب قرار ڏني وئي آهي. ميڊيا مطابق آمريڪي اختيارين پاران اڳ بھ ٽيلر سوئفٽ کي معيشيت کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو قرار ڏني وئي هئي. هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ٽيلر سوئفٽ جي فلاڊيلفيا ۽ شڪاگو شهر ۾ ڪنسرٽ ڪري ڪاروبار ۾ اضافو ٿيو آهي. جڏهن تھ فلاڊيلفيا ۾ 63 هزار سيٽن وارو اسٽيڊيم ۾ ٽيلر سوئفٽ ٽي ڪنسرٽ ڪيا، جيڪي ڀرجي ويا هئا، هوڏانهن هوٽلن ۾ بھ رش سبب ڪاروبار ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button