شوبز

هالي ووڊ ۾ رائٽرز جي تاريخي هڙتال، اداڪار بھ شامل، فلمون متاثر

هالي ووڊ ۾ رائٽرز جي تاريخي هڙتال جاري آهي، جنهن ۾ هاڻ اداڪار بھ شامل ٿي ويا آهن، جنهن سبب امڪان آهي تھ فلمن گليڊيئٽرز ۽ اوتار جا سيڪوئل متاثر ٿيندا. ميڊيا مطابق فلمن جي ليکڪن پاران هڙتال ڪرڻ اداڪارن بھ شموليت اختيار ڪندي ڪوبھ ڪم نھ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ هي 60 سالن دوران ٿيندڙ هڙتالن ۾ سڀني کان وڏي هڙتال آهي، ڪيتريون ئي فلمون متاثر ٿينديون. هوڏانهن ايڇ بي او جي اداڪار برين ڪاڪس ٻڌايو تھ اسٽريمنگ شيون بدلائي ڇڏيون آهن، هي اسان کي مارڻ ۽ ڪيرائڻ چاهين ٿا،

هالي ووڊ جا اداڪار ۽ اداڪارائون احتجاج دوران واڪ ڪندي

ڇاڪاڻ تھ انهيءَ سان وڏو پيسو ٺهي ٿو. هن جو چوڻ هو تھ ليکڪن ۽ اداڪارن کي سموري عمل ۽ پيسن جي ورهاست مان ڪڍڻ لاءِ اسٽريمنگ جائنٽس تيار ٿيا آهن، جيڪا ڳالهه معاشي قتل برابر آهي. ياد رهي تھ هن هڙتال بابت آمريڪي صدر جو بائيڊن بيان ۾ چيو هو تھ ليکڪ ۽ اداڪار جائز معاوضي جا حقدار آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button