بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارائن ۾ ڳڻي ويندڙ اداڪارا عاليا ڀٽ انڪشاف ڪيو آهي تھ هاڻ منهنجو بھ پنهنجو خاندان آهي، تنهنڪري ڪم ۽ گهرڀاتين ۾ توازن رکڻ چاهيان ٿي. هڪ انٽرويو دوران هن ٻڌايو تھ مون 10 سال فلم انڊسٽري ۾ گذاريا آهن، والدين، ڀيڻ ۽ دوستن کي وقت ناهي ڏنو، پر هاڻ انهن کي وقت ڏيڻ جي خواهش آهي. هن چيو تھ اوهان ڪم ڪڏهن نھ ڇڏيو، پر خاندان ۽ ڪم جي وچ ۾ توازن ضرور هجڻ گهرجي، ڇوتھ مون کي خاندان، ڌيءَ ۽ مڙس سان گڏ ڪم کي هڪ جيترو وقت ڏيڻ جي ترجيح ٺاهڻي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close