آمريڪا جي مشهور ڳائڻي آريانا گرانڊي جي شادي ناڪام ٿي وئي آهي، جيڪا هن وقت مڙس کان بھ ڌار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڳائڻي آريانا گرانڊي ۽ ڊالٽن گومز شادي جي ٻن سالن بعد علحدگي اختيار ڪري ڪجهه مهينن اندر ئي شادي ختم ڪرڻ جو رٿيو آهي. ٻڌايو ويو آهي تھ زال مڙس ۾ ٺاهه جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، جيڪي هاڻ جلد طلاق لاءِ عدالت ۾ درخواست بھ ڏيندا. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي تھ طلاق جو فيصلو ڪرڻ ۽ علحدگي باوجود جوڙي دوستي وارو تعلق برقرار رکيو آهي، جا وچ ۾ فون تي بھ رابطا جاري آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close