شوبز

وفادار، عزت ۽ خلوص ڏيندڙ ماڻهو سان شادي ڪنديس: ريشم

پاڪستاني اداڪارا ريشم پنهنجي ٿيڻ واري مڙس جي گڻن ۽ شادي بابت دل جو حال اوريندي ٻڌايو آهي تھ وفادار، عزت ۽ خلوص ڏيندڙ ماڻهو سان شادي ڪنديس. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ريشم جو چوڻ هو تھ شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، ان لاءِ سوچيو بھ آهي، پر مون کي ڪو جوڙ جو ساٿي مليو ئي ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ اهڙي ماڻهو سان هرگز شادي نھ ڪنديس، جنهن سان رڳو رهڻ عذاب بڻجي وڃي. هن چيو تھ منهنجي خيال ۾ شادي خواهش تي ناهي ٿيندي، ان ۾ الله جي رضا هجي ٿي، تنهنڪري ان معاملي کي الله تي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button