شوبز

ننڍپڻ ۾ گهريلو ملازمن زيادتي جو نشانو بڻايو هو: ناديا جميل

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ناديا جميل انڪشاف ڪيو آهي تھ مون کي ننڍپڻ ۾ گهريلو ملازمن زيادتي جو نشانو بڻايو هو. وائيس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ ناديا جميل چيو تھ مون سان پيش آيل جنسي زيادتين جي اڪثر واقعن ۾ گهر جا ملازم ئي ملوث رهيا هئا. هن چيو تھ ننڍپڻ جي ڄمار ۾ مون کي ڪيترائي ڀيرا زيادتين جي اهڙن واقعن کي منهن ڏيڻو پيو هو. ناديا جميل جو چوڻ هو تھ اهڙن واقعن بابت مون ڳالهايو تھ نظرانداز ڪيو ويو، جنهن سبب مون اهڙن واقعن کي اهميت نھ ڏني. هوڏانهن هڪ سال اڳ ڪيل ٽوئيٽ ۾ ناديا جميل ٻڌائي چڪي هئي تھ پهريون ڀيرو 4 سالن جي عمر ۾ زيادتي ٿي، جنهن سبب ڊپريشن ۾ هلي ويس، بعد ۾ مون سان 9، 17 ۽ 18 سالن ۾ بھ زيادتين جا واقعا ٿيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button