شوبز

جعلي ٽوئيٽس انور مقصود لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا: پٽ بلال

پاڪستاني ڊرامن جي مشهور ليکڪ ۽ ميزبان توڙي مزاح نگار انور مقصود جي پٽ بلال مقصود والد جي زندگي کي خطرن جي نشاندهي ڪندي ان جو سبب سندس نالن سان ٿيندڙ جعلي ٽوئيٽس قرار ڏنا آهن. ميڊيا مطابق بلال مقصود والد انور جي نالن سان جوڙيل جعلي سماجي رابطن وارن پيجز جي نشاندهي ڪندي چيو آهي تھ انور مقصود جي نالي سان ٺاهيل جعلي پيجز کي اختياريون فوري طور تي بلاڪ ڪن، ڇاڪاڻ تھ جعلي ٽوئيٽس انور مقصود لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا. هن چيو تھ حيران آهيان تھ جعلي ٽوئيٽر پيج کي بليوٽڪ بھ ڪيو ويو، تنهنڪري انهن کي مداح بھ اصل سمجهن ٿا. هن ٻڌايو تھ انور مقصود جو رڳو هڪ پيج اصل آهي ۽ ان کي اسان جي بينڊ فالو ڪيو آهي. هوڏانهن انور مقصود پنهنجو بند پيل پيج کولي وڊيو شيئر ڪئي آهي تھ لکيو تھ مون کي مجبوري ۾ اصل پيج کولڻو پيو آهي، مداح ان کي ڏسي وٺن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button