شوبز

پاڪستان ۾ ٻھ آرٽيفشل انٽيليجنس ميزبان متعارف، ٽاڪ شو بھ ڪري ورتو

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٻھ آرٽيفشل انٽيليجنس ميزبان متعارف ڪرايا ويا آهن، جن سان ٽاڪ شو بھ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڊسڪور نالي مقامي نشرياتي چينل هڪ عورت ۽ هڪ مرد اي آئي ميزبان متعارف ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي. هي چينل ٻھ سال اڳ قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف موضوعن تي نيوز پروگرام ٿيندا رهندا آهن. جڏهن تھ ميزبانن جي پرچوئل يا روبوٽڪ هجڻ بابت ڪا وضاحت جاري نھ ڪئي وئي، جنهن سان ڏسندڙن ۾ بھ تجسس وڌيو آهي. هوڏانهن نشرياتي چينل جي سي اي او ڊاڪٽر ڪائزر رفيق عورت اي آئي ميزبان سارا سان اسلام آباد جي تازي صورتحال تي سوال ڪيا، حيران ڪرڻ واري ڳالهه اها آهي تھ مرد اي آئي ميزبان جي شڪل سي اي او ڪائزر رفيق سان ملندڙ آهي. چينل انتظاميا جو چوڻ آهي تھ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو عورت ۽ مرد هٿرادو ذهانت وارا ميزبان متعارف ڪرائڻ اعزاز آهي. ڊاڪٽر ڪائزر رفيق جو چوڻ آهي تھ اها خوشي جي ڳالهه آهي تھ اي آئي ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button